پير غلام رسول شاهه جيلاني

پير غلام رسول شاهه جيلاني

پير غلام رسول شاهه جيلاني

پير غلام رسول شاهه جيلاني: سنڌ جو ممتاز سياستدان ۽ روحاني اڳواڻ رسول شاهه جيلاني'>پير غلام رسول شاهه جيلاني، 1919ع ۾، پير جهان شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾، ٿاڻي بولا خان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سنڌ جو هڪ مثالي بزرگ ٿي گذريو آهي. پير غلام رسول شاهه جو ننڍپڻ زماني جي نشيب و فراز سان ڀريل هو. هو وڏي صبر ۽ حوصلي وارو شخص هو ۽ زندگيءَ جي مشڪلاتن جو وڏي مردانگيءَ سان مقابلو ڪيائين. هن زندگيءَ ۾ وڏا منصب ماڻيا. پير صاحب 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ٿيڻ واري دور کان پوءِ، 1937ع کان وٺي سنڌ جي سياست ۾ حصو ورتو. عام ماڻهن جي ڀلائيءَ جي ڪمن، خدمت ۽ دوستن سان سچائيءَ جي ڪري سياست جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيائين.
پير غلام رسول شاهه جيلاني، قيام پاڪستان کانپوءِ، 1953ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 1956ع ۾ اڳوڻي اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ منتخب ٿيو. اهڙي طرح 1965ع کان 1977ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو مسلسل ميمبر رهيو. چونڊيل ايوانن ۾ سنڌ جي مسئلن بابت وڏي جرئت سان آواز اُٿاريائين. پير صاحب اورچائيءَ سان پنهنجي سياسي اثر جو دائرو ٿرپارڪر، حيدرآباد، دادو (موجوده ڄام شوري)، ٺٽي ۽ بدين ضلعن تائين وڌايو ۽ انهن ضلعن ۾ سندس خاصي شهرت رهي. پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن جي خاص طرح خدمت ڪيائين. سندس انهيءَ خلق خدمت واري جذبي جي ڪري انهن علائقن ۾ پير صاحب لاءِ وڏي عقيدت ۽ احترام موجود آهي.
پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو زراعت سان به وڏو شوق هو. حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ موجود پنهنجي بنجر زمينن کي وڏيءَ محنت سان گل و گلزار بنايائين. سندن اها دلچسپي آخر تائين قائم رهي. پير صاحب موسيقيءَ جو وڏو دلداده، ڄاڻو ۽ فنڪارن جو قدردان هو. سنڌي موسيقيءَ جي وڏي سرپرستي ڪيائين. وقت جا وڏا گوَيا ۽ فنڪار سندس فن پروريءَ مان مستفيض ٿيندا رهيا. پير صاحب ادب ۽ صحافت جي سرپرستيءَ ۾ به هميشه اڳڀرو رهيو. سندس وڏي وصف زندگيءَ ۾ نظم ۽ ضبط قائم رکڻ هئي. مختلف هنڌن تي عام ماڻهن ۽ راڄ ڀاڳ وارن جي خدمت لاءِ ٽائم ٽيبل موجب وقت جي ورهاست ڪئي هئائين ۽ اهو سلسلو آخر تائين قائم رکيائين. پير غلام رسول شاهه هڪ سنجيدو ۽ متين، وضعدار ۽ خانداني فضيلت وارو بزرگ هو. سندس بزرگانه ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت دوستن احبابن ۽ مريدن لاءِ سڪون جو سبب هئي. سڄي عمر مسڪينن جي دل کولي مدد ڪيائين. شرافت ۽ خلق جي خدمت سندس سڄي عمر شيوو رهيو. مهمان نوازي ۽ دوستن سان وفاداري، پير صاحب جون خاص خوبيون هيون.
پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جا لائق فرزند، پير آفتاب شاهه جيلاني، پير شفقت شاهه جيلاني ۽ پير امجد شاهه جيلاني پنهنجي لائق والد جي روايتن ۽ خانداني وضعدارين کي احسن طريقي سان نڀائيندا اچن ٿا. پير صاحب جو نياڻو حسين شاهه راشدي به خدمت خلق وارن ڪمن ۾ ساڻس سهڪاري رهيو.
سندس وفات 7 فبروري 1991ع تي حيدرآباد ۾ ٿي.


لفظ پير غلام رسول شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.00.00  عيسوي

پير غلام رسول شاهه جيلاني 1919ع ۾ ٿاڻي بولا خان ۾ پيدا ٿيو


1991.02.07  عيسوي

پير غلام رسول شاهه جيلاني جي وفات 7 فبروري 1991ع تي حيدرآباد ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪينه سمون
سيد عبداللطيف بخاري
ثريا سوز ڏيپلائي
ڀائي ولايت راءِ
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
طارق بن زياد
اندر جيت لوهاڻو
علڻ خان رئيس
خسرو بيگ مرزا
شاهاڻي بخشل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون